اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي امير ترين ملڪن گوبل وارمنگ جي مقابلي لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا، پاڪستان گرمي پد ۾ گهٽتائي جي حو??لي سان دنيا جي ڪ??هن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ڇنڇر 5 جون 2021ع تي ملهايو ويندڙ گڏيل قومن جي ”ماحوليات جي سالياني عالمي ڏينهن“ جي ميزباني پاڪستان ڪري رهيو آهي، تازن سالن ۾ پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ شديد ٻوڏن سبب وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب زرعي زمين به شديد متاثر ٿيندي آهي، برطانوي خابرو اداري ??ائ??رز سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان سوال ڪيو ته ڇا ترقي يافته دنيا ان حو??لي سان مناسب ڪم ڪيو آهي؟ ج??هن جو جواب نفي ۾ آهي، هن چيو ته ماحول دشمن گيسز جو وڌيڪ اخراج ترقي يافته ملڪن ۾ آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته ا??هن گئسن جي اخراج کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا ويا، وزيراعظم عمران خان چيو ته هلندڙ سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي جو آغاز ڪيو پيو وڃي. هن ايڪو سسٽم کي پهچندڙ نقصان جي خاتمي ۽ ان جي بح??لي لاءِ تيز ترين قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ بح??لي جا ڪيت??ائ?? قدم کنيا ويا آهن ج??هن ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو به شامل آهي ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي جي دوران وزيراعظم ان مهم تحت اربين وڻ لڳايا آهن
پاڪستان گرمي پد ۾ گهٽتائي جي حوالي سان دنيا جي ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados