اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دنيا ۾ هن وقت بياني جي جنگ وڙهي پئي وڃي، نوجوان نسل جو مستقبل ڊجيٽل سان ڳنڍيل آه??، اڳوڻن دورن ۾ رياستي ميڊيا کي پارٽي بياني لاءِ استعمال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جو ڊجي??ل ميڊيا رياست جي ڊجي??ل ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو، رياستي ميڊيا ادارا رياست جي بياني ک?? پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام هئا، وزيراعظم عمران خان ميڊيا جي اهميت کي بهتر طريقي سان سمجهي ٿو، وزيراعظم 2017ع ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مستقبل ڊجيٽل سان لاڳاپيل آهي، اسان 2018ع ۾ ريفارمز جو آغاز ڪيو، ڊجي??ل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام نوجوانن کي ٽرانسفارمر ڪرڻ جو باعث بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊجي??ل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هو 2016ع کان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ڊجي??ل ميڊيا کي ڏسي رهيو هو، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊجي??ل ميڊيا رياست جي ڊجي??ل ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو، گذريل حڪومتن اطلاعات واري وزارت کي پارٽي جو ترجمان بڻائي رکيو هو جنهن ۾ رياستي بياني بدران پارٽي جي بياني کي سگهه ڏني وئي. پي ٽي و??، ا?? پي پي ۽ پي آءِ ڊي تباهي طرف گامزن هئا، هيومن ريسورس جي صورتحال ابتڙ هئي. صرف پي آءِ ڊي ڪراچي ۾ 62 ماڻهن جي اسٽاف مان هڪ ايم اي، ٽي بي اي ۽ باقي سمورو اسٽاف ميٽرڪ تعليم رکندڙ هو، ا?? پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي اربين روپين جي بجيٽ آهي پر هو رياست جي بياني ک?? پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام هئا. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جهڙي طريقي سان نظام قائم ڪيو هو، اسان ان تي وڃڻ چاهيو ٿي، وزيراعظم عمران خان 2017ع ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مستقبل ڊجيٽل سان لاڳاپيل آهي، اسان 2018ع ۾ ريفارمز جو آغاز ڪيو، 2020ع ۾ ڊجي??ل ميڊيا ونگ بڻايو، پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو، ا?? پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻايو، اڄ ريڊيو پاڪستان جي ايپليڪيشن بهترين ايپس ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين اسان جي حڪمرانن کي پبلڪ ڊپلوميسي جي اهميت جو خيال نه هو جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ميڊيا جي اهميت کي بهتر طريقي سان سمجهندو آهي. صرف هلندڙ هفتي وزيراعظم جي مصروفيتن کي ڏٺو وڃي ته سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ وزيراعظم جو انٽرويو ويو آهي. جيترو وقت وزيراعظم ميڊيا ۾ ڏئي رهيو آهي ايترو شايد ئي ان کان پهرين ڪنهن حڪمران ڏنو هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان وقت 42 جرنلزم اسڪولز ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جا ڪورسز اپ ڊيٽ نه هئا، اطلاعات واري وزارت ۾ جيڪي آفيسر سي ايس ايس ڪري ايندا آهن انهن کي ڊجي??ل ميڊيا جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ناهي هوندي، اسان انفارميشن اڪيڊمي جا سمورا ڪورسز تبديل ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان پنهنجي آفيسرن کي ڊجي??ل ميڊيا جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪري سگهون. وفاقي وزير چيو ته جڏهن هو 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيو ته کيس ناڻي واري وزير کي خط لکيو ته ملڪ ۾ ڊجي??ل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ جي بجيٽ تقريبن 4 ارب روپيا آه??، اها ايندڙ پنج سالن ۾ 12 ارب روپين تائين پهچي ويندي پر ڊجي??ل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ صرف ٽن سالن ۾ وڌي 25 ارب تائين پهچي وئي آهي ۽ اميد آهي ته اها ايندڙ سالن ۾ 35 ارب روپين تائين وڌي ويندي. ڊجي??ل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ گهرجي.
دنيا ۾ هن وقت بياني جي جنگ وڙهي پئي وڃي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II