اس??ام آباد – 06 – اپريل (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 29 مارچ تي ضلعي ٽانڪ ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئرن سان ??يليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان افسوس جو اظهار ۽ شهيدن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ??وجب صدر وطن جي خاطر جان ??ربان ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، صدر ڪيپٽن سعد بن عامر ۽ صوبيدار ميجر شير محمد جي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر عارف علوي حوالدار سهيل اقبال، لانس نائيڪ علي غ??ام ۽ رياض جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي مسڪين علي ۽ سپاهي مير جي وارثن سان به رابطو ڪيو، صدر عارف علوي شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری