اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين جي سفير وزيراعظم شهباز شريف کي بحرين جي قيادت پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. بحرين جي سفير پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻ?? لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحرين پاڪستان سان بطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي بحرين جي سفير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اه??يت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪانلاجي، افرادي قوت ۽ غذائي تحفظ س??يت مختلف شعبن ۾ تعاون جي امڪانن ۽ ٻطرفي اقتصادي رابطن کي مستحڪم بڻائڻ جي اه??يت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم بحرين جي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي مشڪل وقت ۾ پاڪستاني برادري جي سارسنڀال تي ٿورا مڃيا. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حماد نرسنگ يونيورسٽي اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي پڻ آجيان ڪئي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻ?? لاڳاپن جو اظهار آهي. بحرين ۾ تمام وڏي انگ ۾ سمنڊ پار پاڪستاني رهن ٿا ۽ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ قدرن جي بنياد تي ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان ويجهي حصيداري ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙي دلچسپي رکن ٿا. پاڪستان ۽ بحرين گذريل سال پنهنجي سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 50 هين سالگرهه پڻ ملهائي هئي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado