ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، صوبائي وزير، پارليامينٽ ميمبر ۽ اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ آفيسر پڻ م??جود هئا. ڪراچي ڪوئي??ا چمن رستي جي ڪل ڊيگهه 700 ڪلوميٽر آهي. ڪراچي ڪوئي??ا چمن رستي جي 330 ڪلوميٽر حصي خضدار ڪچلاڪ کي نئين سر تعمير سان گڏوگڏ ٻن ڦاڪن وارو ڪيو ويندو، ان رستي تي 37 پليون ۽ هڪ هزار ڪلورٽس ٺاهيا ويندا، ڏهاڙي 12 هزار کان وڌيڪ گاڏيون ان روڊ تي هلڻ سان ماڻهن کي سفر ۾ آساني ٿيندي. رستي جي تعمير سان 5 هزار ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا.
مضمون کا ماخذ : números quina hoje