اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر آرمي چيف سان ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفرا?? علي، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، 12 ڪور جي برگيڊيئر محمد خالد، پائليٽ ميجر سعيد احمد ۽ مددگار پائليٽ ميجر محمد طلحيٰ منان ۽ نائيڪ مدثر فياض جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن جي بلند درجن جي دعا ڪئي ۽ انهن جي گهروارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيدن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم جا فرض شناس فرزند بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب امدادي ڪمن ۾ مشغول هئا ۽ انهن پنهنجي خدمتن جي ادائيگي ۽ قوم جي خدمتن لاءِ انتهائي دل ۽ جان، محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته بي لوث خدمت جي جذبي سان ??رشار اهي سپوت قوم جا محسن آهن. هن آرمي چيف پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران گوادر جي اڳوڻي دوري دوران ڪور ڪمانڊر جنرل سرفرا?? علي سان ملاقات ۽ ان پاران ڏنل بري??نگ جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان ??ري??نگ دوران مون کيس انتهائي قابل، ذهين ۽ فرض شناس آفيسر طور ڏٺو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه صدر کي ٻڌايو ته امدادي سرگرمين دوران ??راب موسم جي ڪري حد نگاهه گهٽ ٿي، جنهن جي ڪري هيليڪاپٽر حادثو پيش آيو. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته هيليڪاپٽر جو ملبو حاصل ڪيو ويو آهي ۽ سڀئي فوجي آفيسر شهادت ماڻي چڪا آهن. صدر ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ??واهش جو اظهار ڪيو ته هو انهن شهيدن جي جنازي ۾ پاڻ شرڪت ڪندو ۽ خاص طور تي انهن جي گهروارن ۽ پونئيرن سان ??ه تعزيت جو اظهار ڪيو.
صدر عارف علوي پاران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه کي ٽيليفون، بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب