اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ 5 آگسٽ جو هڪ طرفو قدم غيرآئيني ۽ گڏيل ق??من جي قراردادن جي خلاف آهي، عالمي برادري ??شم??رين جي حقن لاءِ خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل ق??من جي قراردادن موجب ??شم??ر تڪرار ج?? حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ ”استحصال ڏهاڙي“ جي ح??ال?? سان اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي حڪومت جو 5 آگسٽ 2019ع جو ??شم??ر ج?? خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو هڪطرفو غيرآئيني ۽ گڏيل ق??من جي قراردادن جي خلاف آهي، ??شم??ر ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، گڏيل ق??من ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته هن مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ??شم??ر ج?? عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن ۽ ڀارت جهڙي طرح ??شم??رين جي آزادي ۽ خودمختياري کي سلب ڪري ۽ ان جو استحصال ڪيو آهي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج ??شم??ر ج?? گهٽين ۽ پاڙن ۾ ??شم??رين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي، ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ وڏي انگ ۾ ??شم??ري گم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته عالمي برادري ??شم??ر بابت خاموشي ٽوڙي ۽ گڏيل ق??من جي قراردادن موجب انهن کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سدائين ??شم??ري ڀينرن ڀائرن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ آخري دم تائين ڏيندا رهنداسين. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ??شم??رين جي انساني حقن ۽ انهن جي شخصي آزادي، احساسن ۽ جذبن جو خيال ڪري ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ??شم??ر ج?? جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي غيرآئيني قدم کي واپس وٺي. هن چيو ته ??شم??ر ج?? آزادي جي تحريڪ ڪمزور ٿيڻ واري نه آهي ۽ ان جي آزادي جي تڙپ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جو هڪ طرفو قدم غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش