اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي بليلي ۾ پوليو مهم دوران ڊيوٽي تي موجود پوليس جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ نه و??هڻ ڏينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ ٻار ۽ پوليس اهلڪار جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ٻار سدائين قيمتي قومي اثاثو ۽ مستقبل آهن، پاڪستان جي ٻارن کي پوليو جهڙي بيماري کان محفوظ رک?? جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ڪ??ششون جاري رک?? جي عزم کي ورجايو. صدر چيو ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏينداسين. هن پوليو جي خاتمي لاءِ هيلٿ ورڪرز ۽ پوليس جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.
صدر پاران بليلي ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش