اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي چيو ??هي ته سڄ?? دنيا جي مسجدن ۾ مناسب اسلامي لباس ۽ مٿو ڍڪي ع??رتن کي نماز پڙهڻ جي اجازت آهي، فيصل مسجد مذهبي ۽ سياحتي اهميت رکندڙ آه?? پر مرڪزي هال ۾ نه ته عورتن جي لاءِ نماز جي جدا جڳهه آهي نه ئي ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊان نيوز جي 14 سيپٽمبر جي خصوصي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ڪيو ??نهن ۾ مسجد ۾ عورتن جي نماز پڙهڻ تي پابندي، صفائي ۽ سارسنڀال جي ناقص صورتحال ۽ مسجد جي اڱڻ ۾ پينو فقيرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. صدر چيو ??ه ضعيف ۽ بيمار عورتن کي لفٽ نه هجڻ جي ڪري ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن سوال ڪيو ??ه انهن پابندين کي منهن ڏيندي ع??رتون پنهنجي نماز ڪيئن ادا ڪري سگهنديون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه منهنجي راءِ ۾ عورتن کي مرڪزي هال ۾ مخصوص جڳهه تي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، عورتن کي ان عظيم مسجد جي تعميراتي خوبصورتي کي ساراهڻ جي لاءِ مرڪزي هال ۾ وڃڻ جي به اجازت هجڻ گهرجي. صدر چيو ??ه منهنجي اها راءِ حرمين شريفن سميت پور?? دنيا جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. سي ڊي اي ايوان صدر کي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ??ه صورتحال جي بهتري لاءِ قدم شروع ڪيا آهن، دعوته اڪيڊمي جي پاليسي تحت صرف هڪ گيلري ع??رتن جي لاءِ مخوص آهي، مرڪزي هال ۾ عورتن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي. صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته فيصل مسجد جا منتظم انهن مسئلن تي وڌيڪ وضاحت ڪن.
صدر فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس ورتو
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ