اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو ??هي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ??ه اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ڀارتي عملدارن پنهنجي غيرقانوني طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي قبضي هيٺ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ زمين کي هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. هن سرينگر جي علائقي راج باغ ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آفيس جي عمارت تي ڀارتي قابض عملدارن پاران تازي حملي جي مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو فعل ۽ والاريل علائقي ۾ سياسي آزادي تي هڪ ٻيو ??ملو قرار ڏنو. ترجمان ڀارتي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير مان ڪشميري مسلمانن جي بي دخلي بابت چيو ??ه ڀارت جي ڪجهه رياستن ۾ بلڊورز جو استعمال مسلمانن جي جاين کي مسمار ڪرڻ جو عمل ان کي دهشت زده ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي ته زلزلي کان متاثر ترڪيه مان 23 پاڪستاني شهرين کي ڪڍيو ويو ??هي، جڏهن ته هيستائين ڪنهن به پاڪستاني جي جاني نقصان جي اطلاع ناهي آئي. هن چيو ??ه انهن مان 16 ماڻهن کي پاڪستان واپس آندو ويندو جڏهن ته باقي کي ت??ڪي??َ جي شهر استنبول منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ??ه هيستائين اسان وٽ ت??ڪي??َ يا شام ۾ ڪنهن به پاڪستاني جي مارجڻ جي ڪا به خبر نه آهي. هن ٻڌايو ??ه پاڪستانين کي گازيانٽيپ يونيورسٽي مان ڪڍي اڊيانه شهر رکيو ويو ??هي. تباهه ٿيندڙ شهر جيڪو زلزلي جي مرڪز کان اٽڪل 33 ڪلوميٽر پري واقع آهي ۾ زلزلي دوران وڏي جاني نقصان کانسواءِ بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان پهتو. هن چيو ??ه ت??ڪي??َ ۽ شام ۾ ملڪي مشنز زلزلي کان متاثر پاڪستانين کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رهندي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن