انقره – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر آديامان جو دورو ڪيو آديامان پهچڻ تي وزيراعظم جو واپار واري وزير مهمت موش، ٽرانسپورٽ ۽ ا??فر??سٽرڪچر واري وزير عادل ڪريس ميلو اوغلو، آديامان جي گورنر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب ترڪ پارليامينٽ ۾ پا??ست??ن – ترڪي فرينڊشپ گروپ جي چيئرپرسن علي ساهين وزيراعظم سان گڏ انقره ۾ آديامان پهتا. وزيراعظم سرديءَ جي موسم جي خيمن جي امدادي کيپ ترڪ عملدارن جي حوالي ڪئي جيڪا پا??ست??ن مان سي 130 جهاز ذريعي پهتي. تقريب کانپوءِ ترڪ ڊيزاسٽر ريليف اٿارٽي (اي ايف اي ڊي) پاران جاري بچاءُ ۽ امدادي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏن?? وئي. ??ن موقعي تي وزيراعظم چيو ته سمورين رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ ۽ سمورن چئلينجن کي شڪست ڏيڻ جي روايتي ترڪ جذبي سان ترڪ قوم ان قدرتي آفتن مان اڳ کان وڌيڪ مضبوط نڪرندي. هن چيو ته ترڪيه سدائين پا??ست??ن کي پاڻ سان گڏ ڏسندو. بعد ۾ وزيراعظم آديامان شهر جي زلزلي متاثر مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ پا??ست??ني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي علائقي ۾ سرچ ۽ بچاءُ جي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. وزيراعظم انهن جي جذبي ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته پا??ست??ن ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. ??ن موقعي تي وزيراعظم زلزلي متاثرين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ترڪيه جي لاءِ پا??ست??ن جي مضبوط ۽ پرعزم حمايت سان گڏوگڏ پا??ست??ني ريسڪيو ٽيمن پاران جانيون بچائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم پاران ترڪيه جي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر آديامان جو دورو
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado