اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي بيمارين کان پوءِ خوراڪ ۽ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. گذريل ڏينهن پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر جي امير ۽ پن??نجي ڀاءُ شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مان اڄ دوحه پهتو آهيان. هن (ايل ڊي سيز) گڏيل قومن جي گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پنجين ڪانفرنس ب??بت چيو ته مان ايشيا ۽ آفريقا ۾ ايل ڊي سيز کي درپيش ڏکيائين ۽ اقتصادي چئلينجن ب??بت پاڪستان جي نقطئه کان آگاهه ڪندس. وزيراعظم چيو ته سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي مرضن کان پوءِ هاڻي خوراڪ ۽ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ انهن عالمي واقعن هنن کي غيرمحفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عوام جي فلاح و بهبود کي پبلڪ پاليسي جو مرڪز بڻائي ايل ڊي سيز جي بهتر خدمت ڪري سگهجي ٿي.
سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي بيمارين کان پوءِ خوراڪ ۽ توانائي جي فراهمي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب متاثر ٿيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ