اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشو??نس محتسب جو حڪم برقرار رکندي چيو آهي ته انشو??نس ڪمپني پالي??ي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، صدر انشو??نس ڪمپني کي شهري کي 57172 آسٽريلوي ڊالر جو مڪمل هيلٿ انشو??نس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي انشو??نس ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب انشو??نس ڪمپني ڪمزور بنيادن تي شهري کي انشو??نس ڪليم جي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، شڪايت ڪندڙ (??هد محمود) ڪمپني کان والد جي آسٽريليا وڃڻ جي لاءِ 50 هزار آمريڪي ڊالر جي هيلٿ انشو??نس پاليسي ورتي، آسٽريليا ۾ قيام دوران شهري جي والد جو ٻه ڀيرا اسپتالن ۾ علاج ڪيو ويو، شهري هيلٿ انشو??نس ڪليم داخل ڪيو، ڪمپني والد جي اسپتال ۾ رڳو پهريون ڀيرو داخل ٿيڻ جي ڪليم کي تسليم ڪيو، ٻئي داخلا جي دعويٰ کي اڳ کان موجود بيمارين کي لڪائڻ جي ڪري رد ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي انشو??نس محتسب سان رجوع ڪيو. انشو??نس ڪمپني محتسب جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي، جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر چيو ته پهرين کان موجود بيماري کي ثابت ڪرڻ جي ذميواري ڪمپني جي آهي، انشو??نس ڪليم جي ترديد جي لاءِ موجود بيماري جي موجودگي ۽ پالي??ي هولڊر جي ڄاڻ ۾ رکڻ بابت ناقابل ترديد ثبوت گهربل هوندا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪمپني پاران اڳ کان موجود بيماري ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪا رپورٽ پيش نه ڪئي وئي، انشو??نس ڪمپني پالي??ي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ ڪمپني پاران مناسب احتياط جي ضرورت آهي، مناسب عمل مان گذرڻ کانسواءِ، پاليسي جاري ڪرڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪري ٿو. صدر چيو ته هڪ پالي??ي هولڊر پاليسي جاري ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سفر ڪندڙ پالي??ي هولڊر کي غيرملڪي سرزمين ۾ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سفر ڪندڙ پالي??ي هولڊر کي فوري طبي مدد جي فراهمي سفري انشو??نس پاليسي جو اصل م??صد آهي. صدر چيو ته ڪمپني هڪ قائدم شده ادارو آهي، پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ موجود بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا ميسر آهن. صدر چيو ته ڪمپني بنا ڪنهن اعتراض جي اڳ ۾ داخلا جي دعويٰ کي قبول ڪيو، ٻئي داخلا جي دعويٰ کي بنا جواز رد ڪيو، ناقص بنيادن تي ٻي دعويٰ جي ترديد بدانتظامي آهي. صدر چيو ته ٻئي ڪليم کي رد ڪرڻ غيرمنصفاڻو، غيرمعقول ۽ غيرلاڳاپيل بنيادن تي ٻڌل آهي، انشو??نس ڪمپني (يونائيٽيڊ انشو??نس آف پاڪستان لميٽيڊ) جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.
وفاقي انشورنس محتسب جو حڪم برقرار، انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری