پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي ??در ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي دلچ??پي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي جي موضوع تي منعقد سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نئين عالمي مالياتي معاهدي تي سربراهي اجلاس گهرائڻ تي ??در ايمانوئل ميڪرون کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ ۽ شاندار ميزباني تي فرانسيسي ??در جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم فرانسيسي ??در سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسرندڙ ملڪن سانمالياتي انصاف تي ٻڌل نظام طرف جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن فرانسيسي ??در جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي عدم دستيابي، قرض ۽ وياج جي ادائيگين جي بار ۽ منجمند ترقي جا مسئلا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته نئين عالمي مالياتي معاهدي تحت قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل اسرندڙ ملڪن جي مدد وقت جي ضرورت آهي ته جيئن اتان جي عوام کي ريليف ملي سگهي، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن اڳ ۾ مسئلن جو شڪار اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اه?? مسئلي تي عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ توها?? ا??م ڪوشش ڪئي. ??در ايمانوئل ميڪرون سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم جي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث