اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) ڪل جماعت حريت ڪا??فرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ اڄ سومر ڏينهن ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ هڪ ڪا??فرنس منعقد ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو اڳوڻو صدر سردار يعقوب ان موقعي تي خاص مهمان هو، ڪا??فرنس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان، جماعت اسلامي اي جي ڪي جي امير ڊاڪٽر مشتاق حمد، وزير رياست احمد رضا قا??ري?? پاڪستان انساني حقن واري ڪائونسل جي چيئرمين جمشيد احمد، ايڊووڪيٽ نبيلا ارشاد، ناصر قا??ري?? راجا نجابت حسين، سيد يو??ف نسيم، الطاف حسين واني، محمد رفيق ڊار، ملڪ اسحاق، حاجي عارف، عبدالغني لون، چوڌري فاروق، قاضي عمران، غلام نبي بٽ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. مقررين ڄمون جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪ??دي چيو ته ڪشميري عوام هن ڏينهن کي ان تجديد عهد سان ملهائين ٿا ته اهي پنهنجي ناقابل تنسيخ حق، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين شهيدن جو مشن جاري رکندا.
ڪل جماعت حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ پاران ڪانفرنس منعقد
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز