اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني اسٽارٽ اپس کي سيڙپڪارن جي ذريعي عالمي منڊين تائين پنهنجي مقامي طور تي تيار ڪيل مصنوعات کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ پليس قائم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. هو اينجلز انويسٽرز سمٽ ۽ اسٽارٽ اپ شوڪيس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چي?? ته اسٽارٽ اپس کي پنهنجي م??نوعات کي موثر طريقي سان مارڪيٽ ڪرڻ ۽ مقامي آبادي سان تخليقڪارن جي فائدي جي لاءِ پنهنجي پهچ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر دانشواراڻي خصوصيتن جي فروغ لاءِ 11 اسٽارٽ اپس کي ساراهيو. صدر سمٽ جي منتظمين کي م??ورو ڏن?? ته اهي اسٽارٽ اپس جا تفصيلي وڊيو پيغام رڪارڊ ڪن ته جيئن اهي م??ڻهو سان گڏوگڏ ممڪن سيڙپڪارن کي پڻ پنهنجي م??نوعات جي بهتر وضاحت ڪري سگهن. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌاي?? ته شروعاتي دور ۾ ترقي يافته ملڪ به پنهنجي مقامي ضرورتن موجب غيرملڪي نظرين مان فائدو کڻندا رهيا آهن. صحت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعات ذهانت جي استعمال تي زور ڏيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ٽيلي ميڊيسن پاڪستان جي صحت جي سارسنڀال جي م??ئلن جو واحد حل آهي ڇ?? ته اها نظام تي بار گهٽ ڪرڻ کانسواءِ غريبن کي ٽرانسپورٽ ۽ ٻين پريشانين کان بچائيندي. هن دماغي صحت جي م??ئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مصنوعات ذهانت ۽ ٻين ٽيڪنالاجيز جي استعمال تي پڻ زور ڏنو ڇ?? ته اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي ڪنهن نه ڪنهن ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر جهڙين بيمارين سان واڳيل سببن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏيندي چي?? ته بار بار پيغام پهچائڻ ۽ آگاهي مهم جي ذريعي ان مرض تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ايسپائر پاڪستان جي چيئرپرسن حسن سيد شرڪت ڪندڙن کي اسٽارٽ اپس کي نيٽ ورڪ تحت آڻڻ جي سفر، نيشنل آئيڊياز بئنڪ، پاڪ اينجلس ۽ اسٽارٽ اپ پاڪستان پليٽ فارمز قائم ڪرڻ کان آگاهه ڪيو. هن چي?? ته نيشنل آئيڊياز بئنڪ تحت اٽڪل 8000 ٽريننگز ٿيون ۽ شارٽ لسٽ ڪيل 11 اسٽارٽ اپ کي اسڪريننگ جي عمل مان گذرڻو پيو جنهن ۾ انهن جي آئيڊياز ۽ انهن جي م??نوعات جي دائري جو جائزو ورتو ويو. پاڪ اينجلس جي باني انور خان چي?? ته اها جديديت هڪ خوشحال پاڪستان جي لاءِ ضروري آهي ڇ?? ته ان سان ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن اسٽارٽ اپس جي لاءِ هڪ سازگار ماحول تي زور ڏنو. پنهنجي پريزنٽيشن ۾ اي زيڊ جي سي اي او شفا عدنان صديقي صحت جي سارسنڀال جي بنيادي م??ئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي پنهنجي هيلٿ ٽيڪ اسٽارٽ اپ بابت ٻڌايو. اهي اوزار مريضن جي م??ض بابت وقت سر ڊاڪٽرن تائين معلومات پهچائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهي اوزار هيپاٽائيٽس، هائي بلڊ پريشر ۽ ذيابيطس جي لاءِ اسڪريننگ ۽ ٽريڪنگ فراهم ڪن ٿا. گرين اليڪٽرڪ بائيڪ جي نمائندي ٻڌاي?? ته اها بائيڪ مقامي م??رڪيٽ جي ضرورتن موجب تيار ڪئي وئي آهي ۽ اها 2026ع تائين 1.5 بلين ڊالر جي م??رڪيٽ بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ڪينگرو ڪيئر جي نورالامين پنهنجي مقامي طور تي تيار ڪيل انفينٽ انڪيوبيٽر جي سهولت بابت آگاهه ڪيو. نيو ويٽيو ۽ بادمي (Baadmay) سميت ٻين اسٽارٽ اپس پڻ پنهنجي م??نوعات بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو.
پاڪستاني اسٽارٽ اپس عالمي منڊين تائين پهچ لاءِ مارڪيٽ پليس قائم ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil