اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ نيو گوادر ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح ڪندي قرار ڏنو آهي ته گوادر نه رڳو علائقائي ترقي جو محور پر پاڪستان جي لا??ِ گيم چينجر جي ??يثيت رکي ٿو، گڏيل مستقبل ۽ گهڻ رُخي ترقي جي لا??ِ اسان جو عزم مضبوط آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ??ڪميل جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صنعت، زراعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اهي ٻطرفا معاهدا ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ نئين باب جو اضافو آهي، چيني وزيراعظم جي پاڪستان جي ??وري تي سندس ٿورائتا آهيون، سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي فروغ جي ??زم جو ورجاءُ آ??ي، اسان ملاقات دوران لاڀائتي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي ??رقي جي لا??ِ چين جي پختي عزم جا معترف آهيون، صدر شي جن پنگ، چيني عوام جو گوادر ايئرپورٽ جو تحفو ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون، پاڪستان جي معاشي ترقي جي ??يجنڊا ۽ پٺتي پيل علائقن جي ??رقي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون تي ٿورائتا آهيون، گوادر ايئرپورٽ سان نه رڳو گوادر پر پورو ملڪ ترقي ڪندو، سي پيڪ تحت ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويو، يقين ڏياريان ٿو ته نه رڳو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد پر چين ۽ پاڪستان جي ??وام جي ??من ۽ سلامتي جي لا??ِ توهان سان گڏجي ڪم ڪندس.
هن چيو ته گوادر ايئرپورٽ جي ??ڪميل جي لا??ِ چيني ۽ پاڪستاني انجنيئرز ۽ ورڪرز جي ??ڻٿڪ ڪوششن سان اهو عالمي معيار جو منصوبو مڪمل ٿيو، چين پاران پاڪستان جي لا??ِ اهو يادگار تحفو سدائين ياد رهندو. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.