اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چ??و آهي ته صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، پ پ جي حڪومتي دؤر ۾ عورتن تي تشدد ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ خلاف قانونسازي ڪئي وئي. ڪالهه عورت?? خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 25 نومبر سڄي دنيا ۾ عورت?? خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن آهي. صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. عورت تي تشدد بهادري ناهي پر بزدليءَ جي نشاني آهي. هن چيو ته پ پ عورتن تي هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪر?? ٿي، جنهن معا??ري ۾ عورت ڪمزور آهي اهو م??اشرو ترقي يافته ناهي هوندو. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح فرمايو ته ڪابه قوم ڪڏهن پنهنجي وجود جي لائق نٿي ٿي سگهي جيڪا پنهنجي عورتن کي مردن سان گڏ نه وٺي وڃي سگهي. 1973ع جي آئين موجب زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي: شازيه مري
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز