اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايشيائي ت??قياتي بئنڪ موسمياتي ت??ديلين جي قدمن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنانسنگ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالرن جي معاهدي تي صحيحُون ڪري ڇڏيُون آهن. معاهدو ڪلائيميٽ اينڊ ڊزاسٽر ريزيلينس اينهانسمينٽ پروگرام تحت ڪيو ويو آ??ي. معاهدي تي صحيحن واري تقريب اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ منعقد ٿي. ان کان اڳ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه ان معاهدي جي منظوري ڏني هئي. اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ پاڪستان ۾ ايشيائي ت??قياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافان معاهدي تي صحيحي ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ اي ڊي بي جا سينئر عملدار پڻ موجود هئا. وفاقي وزير احد خان چيمه چيو آ??ي، ته معاهدي سان پاڪستان جي موسمياتي ت??ديلين جي قدمن کي ت??جيح ڏيڻ ۽ ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ کي هڪ مربوط حڪمت عملي ت??ت وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وزارت جي سيڪريٽري ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ان موقعي تي چيو ته معاهدي جو مقصد پاڪستان جي موسمياتي ت??ديلين سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ جي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته پروگرام جو بنيادي مقصد اداراجاتي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ آهي ته جيئن ڊزاسٽر رسڪ ميپنگ، رسپانس ڪو آرڊينيشن ۽ صنفي حساسيت تي ٻڌ?? سرڪاري سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻي سگهجي. معاهدي ت??ت پاڪستان ۾ موسمياتي ت??ديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالياتي ۽ فني معاونت فراهم ڪئي ويندي جنهن ذريعي خطرن جو اثرائتي انداز ۾ ڪاٿو لڳائي سگهبو. ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط قدم کڻي سگهبا.
پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران موسمياتي تبديلي جي قدمن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنانسنگ جي 50 ڪروڙ ڊالر جي معاهدي تي صحيحُون
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔