بيجنگ- 18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال وفد سان گڏ بيجنگ ۾ آءِ سافٽ اسٽون انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پاڪستاني وفد جي آجيان آءِ سافٽ اسٽون جي عالمي ڪاروبار جي نائب صدر مسٽرين لو ۽ انٽيليجنٽ اليڪٽرانڪ جي نائب صدر مسٽر لي چوان ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال ه??ڊڪوارٽر ۽ نمائش جي علائقي جو دورو ڪيو، جتي کيس ڪمپني جي جديد ??نص??عا??، خدمتن ۽ حل جو مظاهرو ڏيکاريو ويو. ان موقعي تي کيس وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا ۾ ڪمپني جي ڪاروباري ترقي جي ??نص??بن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪستاني وفد به سي پيڪ جي تعمير ۾ ٽيڪنالاجي جي انضمام تي هڪ بريفنگ ڏني. ٻنهي ڌرين آءِ ٽي جي شعبي ۾ مستقبل ۾ تعاون ۽ عملي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته هو جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ??نص??عا?? ۽ حل تيار ڪرڻ لاءِ تعاون ڪن. پاڪستاني وفد ۾ سياسي قونصلر حسيب گوهر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي قونصلر خان محمد وزير ۽ رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي انفرااسٽرڪچر اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مزمل ضيا شامل آهن.
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاران بيجنگ ۾ آءِ سافٽ اسٽون انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی