اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، پريس ڪلب سدائين عوام جا مسئلا ايوانن تائين پهچايا. لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر ارشد انصاري، سيڪريٽري زاهد عابد، سينيئر ن??ئب صدر افضال طالب، ن??ئب صدر صائمه نواز، جوائنٽ سيڪريٽري عمران شيخ، فنانس سيڪريٽري سالڪ نواز ۽ نئين چونڊيل گورننگ باڊي کي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اظهار ر??ءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، لاهور جي صحافي برادري جو آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي ل??ءِ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، پريس ڪلب سدائين عوام جا مسئلا ايوانن تائين پهچايا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائي ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. اطلاعات واري و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری